ملڪ ۾ مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ملڪ ۾ مهانگائي عوام جي کمر ٽوڙي ڇڏي آهي، اڌ پگهار ۽ ٻيڻا خرچ به اڇي پوشاڪ طبقي جو ڀرم ٽوڙي ڇڏيو آهي.وڌندڙ مهانگائي ۾ ذخيره اندوز به عوام کي آزاري رهيا آهن، شهري مهينو مهينو قرض گهرڻ تي مجبور آهن.مارڪيٽ مان اٽو به غائب آهي، جتي به ملي ٿو اٽي جي قيمتن عوام جي اکين ۾ ڳوڙها آڻي ڇڏيا آهن.اٽو 275 رپيا في ڪلو، سٺي معيار جو اڇو چنا 500 رپيا، ماش جي دال 460 رپيا، دال مسور 240، ملڪي مسور 260 ۽ روزانو استعمال ٿيندڙ چانور به 350 رپين کان وڌي ويو آهي.تيل، گيهه، ڪڪڙ، مڇي ۽ گوشت جا ريٽ ڪلاڪ ڪلاڪ سان تبديل ٿيندا رهيا آهن،عوام ڏهاڪن کان چئي رهيو آهي ته آلو، ڀاڄيون، ٽماٽا، پياز، گوبي ۽ توري سميت ٻين ڀاڄين جا اگهه سندن پهچ کان ٻاهر ٿي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو