بجلي جي بچت لاءِ رات 8 وڳي دڪان بند ڪرڻ جو فيصلو

بجلي جي بچت لاءِ رات 8 وڳي دڪان بند ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت بجلي جي بچت لاءِ دڪان رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.هن چيو ته توانائي بچائڻ لاءِ دڪان رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪمرشل ايريا رات 8 وڳي بند ٿيندا.احسن اقبال وڌيڪ چيو ته ترقي ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجا رويا تبديل ڪرڻا پوندا، خدشو آهي ته هن سال جي آخر تائين تيل جي قيمت 100 ڊالرن تائين نه پهچي وڃي.هن چيو ته نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل کي 2035ع جي آئوٽ ليڪ تي بريفنگ ڏني وئي. رٿابندي واري وفاقي وزير چيو ته اندازو لڳايو ويو آهي ته 2035 تائين 570 ارب ڊالرن جي معيشت ٺاهي سگهجي ٿي، انهن مقصدن لاءِ سياسي استحڪام ضروري آهي.هن چيو ته ايندڙ مالي سال جي ترقياتي بجيٽ 1150 ارب رپيا رکي وئي آهي، غريب ترين 20 ضلعن کي ترقي ڏني ويندي.احسن اقبال چيو ته نوجوانن جي ترقي لاءِ 100 ارب رپيا رکيا پيا وڃن. اجلاس ۾ پنج اي فريم ورڪ جي منظوري ڏني وئي، حڪومت گرين انرجي کي فروغ ڏيندي، ايل اي ڊي بلب لڳايا ويندا. هن چيو ته اي پاڪستان ذريعي ڊجيٽل انقلاب آندو ويندو، سڀني لاءِ انٽرنيٽ کي فروغ ڏنو ويندو، نيشنل فلڊ پروٽيڪشن ۽ فوڊ سيڪيورٽي گرين ريووليوشن منصوبا پڻ شروع ڪيا ويندا.رٿابندي واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي برآمدات کي وڌائي 100 ارب ڊالرن تائين پهچايو وڃي، معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ برآمدات کي فروغ ڏنو وڃي.هن چيو ته سائبر سيڪيورٽي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس کي فروغ ڏيڻ لاءِ اي پاڪستان تمام وسيع منصوبو آهي، ان لاءِ نيشنل سينٽر فار مينوفيڪچرنگ ٺاهينداسين.احسن اقبال چيو ته هو ماحوليات جي شعبي کي اوليت ڏيندا، واٽر سڪيورٽي کي فروغ ڏينداسين، اسان ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو ڪيو ۽ هاڻي ملڪ جا معاشي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.هن چيو ته پاڪستان هن وقت موسمياتي تبديلي جي ڪري سخت خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي، زراعت ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ذريعي سبز انقلاب آندو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو