اسلام آباد)بيورو رپورٽ) گرمي سبب سڄي ملڪ ۾ بجلي جي طلب ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿي ويو آهي، جنهن سبب بجلي جو شارٽ فال 6 هزار 765 ميگاواٽ ٿي ويو آهي.پاور ڊويزن ذريعن موجب هن وقت بجلي جي ڪل پيداوار 20 هزار 235 ميگاواٽ آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ بجلي جي طلب 27 هزار ميگاواٽ آهي، جڏهن ته هائيڊرو پاور جي پيداوار 8 هزار ميگاواٽ آهي. ذريعن موجب پاور ڊويزن موجب سرڪاري ٿرمل پاور پلانٽس 520 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن، نجي شعبي جا پاور پلانٽس 7 هزار ميگاواٽ، رائيونڊ پاور پلانٽ هڪ هزار 225 ميگاواٽ، جڏهن ته هائيڊرو اليڪٽرڪ جي پيداوار 8 هزار ميگاواٽ، ايٽمي پاور پلانٽس جي پيداوار آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي جي نظام ۾ اوور لوڊشيڊنگ سبب غير اعلانيل لوڊشيڊنگ عروج تي پهچي وئي آهي.پاور ڊويزن ذريعن موجب سڄي ملڪ ۾ 8 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.ليسڪو وٽ ٽرانسفارمر، ميٽر ۽ ڪيبل نه آهن، جنهن ڪري حالت خراب ٿي وئي آهي.










