ملڪ سنگين سياسي ۽ معاشي صورتحال کي منهن ڏي پيو: محنتي

ملڪ سنگين سياسي ۽ معاشي صورتحال کي منهن ڏي پيو: محنتي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي چيو آهي ته ملڪ هن وقت سنگين سياسي ۽ معاشي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي، ڊالر جي اونچي اُڏام، رپئي جي بي قدري ۽ آءِ ايم ايف جي غلاماڻي پاليسين عوام جو زنده رهڻ مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي، ملڪ ۾ بي يقيني جي صورتحال جي ڪري هر نئين ڏينهن عوام جي ڏکن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، اسلامي نظام ۽ ديانتدار قيادت ئي مڙني مسئلن جو حل آهي، جماعت اسلامي 23 مارچ کان گهر گهر عوامي رابطه مُهم جڏهن ته وڏي پيماني تي استقبال رمضان جا ميڙاڪا ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن قباء آڊيٽوريم ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي شورى جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ هڪ قرارداد ذريعي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته 10 رمضان المبارڪ تي يومِ باب الاسلام جو ڏهاڙو سرڪاري سطح تي ملهايو وڃي، رمضان پيڪيج جو اعلان، ذخيره اندوزي ۽ منافعي خوري تي بندش، روزاني استعمال وارين شين جي قيمتن تي ڪنٽرول لاءِ ٺوس قدم کڻي عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي. صوبائي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ سالياني ڪارڪردگي جو جائزو، آئندي جو منصوبو پيش جڏهن ته ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان شورى کي مڪاني چونڊن جي حوالي سان موجوده صورتحال کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي سابق امير ضلع سانگهڙ رفيق منصوري جي والده سميت ٻين مرحومين لاءِ مغفرت جي دُعا پڻ ڪئي وئي.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو