ملڪ سبسڊي تي نٿو هلائي سگهجي، مهانگائي عارضي آهي، فواد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سڄو ملڪ سبسڊي تي نٿو هلي سگهي، دنيا ۾ تيل ۽ گيس جي قيتمن ۾ واڌ ٿيندي ته پاڪستان ۾ به قيمتون وڌنديون اسين هن دنيا ۾ رهون ٿا ڪنهن ٻئي سياري جي مخلوق ناهيون. توئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو آهي ته تيل جي قيمت ۾ اضافي کي وٺي اهڙي پروپيگنڊه ڪئي پئي وڃي ڄڻ ته اسان هن دنيا ۾ الڳ ڪنهن سياري ۾ رهون ٿا. فواد چوڌري چيو ته جيڪڏهن دنيا ۾ تيل ۽ گيس جون قيمتون مٿي وينديون ته پاڪستان ۾ به قميتون مٿي وينديون، سڄو ملڪ سبسڊي تي نٿو هلي سگهي، اڄ قيمتون مٿي آهن ته سڀاڻي گهٽ به ٿي وينديون. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته هڪ قوم جيان گڏجي مشڪلاتن جو مقابلو ڪنداسين، معاشي مشڪلاتون عارضي آهن، انڊسٽري، زراعت ۽ تعميرات جا شعبا تاريخي منافعو ڪمائي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته پگهار وارن کي مشڪلاتون آهن، پرائيويٽ سيڪٽر پنهنجي ورڪرز جون پگهارون وڌائن، آمدني ۽ روزگار ۾ اضافو مهانگائي جي ٽوڙ آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 12 روپيا 44 پيسن تائين اضافو ڪيو هو ۽ اپوزيشن پاران حڪومت تي تنقيد ڪئي پئي وڃي. اوگرا پيٽرول جي اگهه ۾ 5 روپيا 90 پيسا واڌ جي سفارش ڪئي پر حڪومت ساڍا ڏهه روپيا وڌايا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو