ملڪ جي 17 هزار ريٽيلرن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جون تياريون

اسلام آباد (اياز مهر) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ملڪ اندر تقريبن 17 هزار لگزري شاپنگ مال ۽ ريٽيل، چين ۾ قائم هڪ هزار مربع فوٽ سائيز جي دڪانن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. رپورٽ مطابق ايف بي آر جو ڄاڻايل فيصلو پوائنٽ آف سيل سسٽم تحت ڪيو ويو جنهن جي لڳائڻ واري مهم جو آغاز پهرين ڊسمبر کان ٿيندو. پي او ايس سسٽم سڀني اسٽورن تي لڳايو ويندو ته جيئن ريٽيلر اربين رپين جو ٽيڪس چوري نه ڪري سگهن. ايف بي آر جي چيئرمين شبر زيدي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته ايف بي آر ايندڙ مهيني کان وڏن ريٽيلر اسٽورن لاءِ پي او ايس لڳائڻ شروع ڪندي جنهن سان وڏا وڏا اسٽور مذڪوره سسٽم سان منسلڪ ڪيا ويندا. چيئرمين ايف بي آر مطابق ان نظام لاڳو ڪرڻ سان اسٽورن کي مدد ملندي ۽ ايف بي آر جي عملي سان براه راست رابطو گهٽ ٿي ويندو. واضح رهي ته في الحال پي او ايس ذريعي 3 هزار 500 وڏن ريٽيل اسٽورن کي منسلڪ ڪيو ويو آهي ان اسٽورن تي ڪمپيوٽرائزڊ مشينون لڳايون ويون آهن جيڪي ٽيڪس چوري جي جانچ پڙتال لاءِ ايف بي آر سسٽم سان منسلڪ آهي. پي او ايس تحت ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته ڪيش ڪائونٽر تي صارفين کان وصول ڪيل ٽيڪس حڪومت وٽ جمع ڪرائڻو آهي. پاليسي جي ميمبر حامد عتيق ٻڌايو ته گهٽ ۾ گهٽ 17 هزار ريٽيل اسٽورن جي نشاندهي ڪئي جنهن کي پي او ايس تحت هلايو ويندو هن چيو ته جيڪڏهن اهي هن سسٽم ۾ نه آيا ته پوءِ ايف بي آر وٽ ان جي زبردستي رجسٽريشن ڪرڻ کان علاوهه ٻيو ڪو رستو ناهي. هڪ اندازي مطابق ايف بي آر ان سڀني وڏن ريٽيل اسٽورن کي نيٽ ۾ شامل ڪرڻ سان تقريبن 20 ارب رپيا ٽيڪس جمع ڪندو. هن ٻڌايو ته دڪاندار صارفين کان ٽيڪس وصول ڪندو آهي پر ايف بي آر کي جمع ناهي ڪرائيندو ايف بي آر پيشن گوئي ڪئي آهي ته جون 2020 کان تقريبن 20 هزار ڪاروبار ۽ آئوٽ ليٽس تي پي او ايس انوائيسنگ ڪئي ويندي. ايف بي آر پهرين ئي وڏن ريٽيلرن لاءِ نئين سسٽم سان گڏ رجسٽريشن لازمي ڪرائي سيلز ٽيڪس جي قاعدن ۾ ترميم ڪري چڪي آهي. عتيق سرور مطابق شناختي ڪارڊ جي معاملي ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو