ملڪ جي ڀلائي ان ۾ آهي ته نيب کي ختم ڪيو وڃي: خاقان

ملڪ جي ڀلائي ان ۾ آهي ته نيب کي ختم ڪيو وڃي: خاقان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)مسلم ليگ ن جي اڳواڻ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نيب جي خاتمي ۾ ئي ملڪ جي ڀلائي آهي.احتساب عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته نواز شريف جو ڪيس سپريم ڪورٽ جي نگراني ۾ هليو. هڪ سينيئر سياستدان کي تاحيات نااهل قرار ڏنو ويو آهي، نواز شريف، يوسف رضا گيلاني الڳ قانون آهي.هن وڌيڪ چيو ته اسان خلاف ڪيسن جي ڪا حيثيت ناهي، 100 کان وڌيڪ جاچ ٿي آهي، رمانڊ تي جيل ويو آهي، اسان رويو ناهي.شاهد خاقان عباسي وڌيڪ چيو ته اڄ عوام جو انصاف جي نظام تان اعتماد ختم ٿي ويو آهي.هن چيو ته جڏهن جناح هائوس تي حملو ٿيو ته ان جو ڪوبه سنجيده نوٽيس نه ورتو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو