اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ملڪ جا پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا بهتر ٿيا آهن.سينيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته گذريل آدمشماري تي فيصل سبزواري جا اعتراض درست آهن، حڪومت سڀني جي خدشن جو خيال رکندي.هن چيو ته مردم شماري جي نظام کي اپ گريڊ ڪيو ويو آهي، مردم شماري تي خرچ گهٽ ڪرڻ لاءِ ان کي ڊجيٽلائيز ڪيو وڃي.اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ آهي، ڊجيٽل مردم شماري به بحث هيٺ آهي.










