اسلام آباد(بيورو)ملڪ جي ميداني علائقن ۾ اڄ موسم انتهائي گرم رهندي، سنڌ ۾ گرمي جي لهر هڪ هفتي تائين برقرار رهي سگهي ٿي.موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته گرمي جي لهر سبب پنجاب، اسلام آباد، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ گرمي پد 07 کان 09 ڊگري سينٽي گريڊ تائين جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ گرمي پد 06 کان 08 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌڻ جو امڪان آهي. ڊگري سينٽي گريڊ آهي.ڪراچي ۾ اڄ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي، اتر اولهه، اولهه ۽ ڏکڻ اولهه کان هوائون هلي سگهن ٿيون.گذريل ڏينهن جيڪب آباد ۽ دادو ملڪ جا گرم ترين علائقا رهيا جن ۾ گرمي پد 48 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو.طبي ماهرن شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته هو احتياطي اپاءَ وٺن ۽ منجهند جي وقت غير ضروري گهرن کان ٻاهر نه نڪرڻ، پنهنجا مٿو ڍڪي رکڻ، ٿلها ڪپڙا پائڻ، گهڻو پاڻي پيئڻ ۽ هلڪو کاڌو کائڻ جي هدايت ڪئي آهي.










