ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سون جو في تولو 2 لک رپيا ٿي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ملڪ ۾ سون جو اگهه نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سون جو في تولو 2 لک رپيا ٿي ويو آهي.اڄ سون جو اگهه 7 هزار رپيا في تولو وڌي 2 لک 2 هزار 500 رپيا ٿي ويو آهي.ان کان علاوه 10 گرام سون جو اگهه 6 هزار رپيا وڌي هڪ لک 73 هزار 610 رپيا ٿي ويو آهي.هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 6 ڊالرن جي گهٽتائي سان 1936 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو