زرداري 411 اليڪٽورل ووٽ کڻي ٻيو ڀيرو ملڪ جو صدر چونڊجي ويو

زرداري 411 اليڪٽورل ووٽ کڻي ٻيو ڀيرو ملڪ جو صدر چونڊجي ويو

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) صدارتي چونڊ ۾ حڪمران اتحاد جو اميدوار آصف علي زرداري وڏي اڪثريت سان ٻيو ڀيرو ملڪ جو صدر چونڊجي ويو. هو پهريون سويلين صدر آهي جيڪو ٻيو ڀيرو چونڊيو آهي. سڀاڻي آچر تي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس شام جو کيس بطور صدر قسم کڻائيندو. صدارتي چونڊ ۾ 69 سالن جي آصف علي زرداري پارليامينٽ هائوس (قومي اسمبلي ۽ سينيٽ) مان 255 ووٽ حاصل ڪيا. جڏهن ته سندس مخالف اميدوار محمود خان اچڪزئي کي پارليامينٽ مان 119 ووٽ مليا. مولانا فضل الرحمان جي جميعت علما اسلام ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. چيف اليڪشن ڪمشنر جيڪو صدارتي چونڊ لاءِ ريٽرننگ آفيسر هو تنهن پاران جاري ڪيل نتيجي موجب مجموعي طور آصف علي زرداري کي 411 اليڪٽورل ووٽ مليا جڏهن ته اچڪزئي کي 181 اليڪٽورل ووٽ مليا. چيف اليڪشن ڪمشنر جاري ڪيل بيان م ٻڌايو آهي ته صدارتي چونڊ لاءِ سينيٽ، قومي اسمبلي ۽ چئني صوبائي اسمبلين جي ڪل ووٽرز جو تعداد 1185 آهي. جن مان 92 سيٽون خالي آهن، يا چونڊيل ميمبرن حلف ناهي کنيو يا نتيجا روڪيل آهن. جنهن بعد 1093 ووٽرن کي ووٽ ڏيڻو هو پر ووٽ ڏيندڙن جو انگ 1044 آهي. جن مان 9 ووٽ رد ٿيا ويلڊ ووٽن جو تعداد 1035 آهي. سيڪنڊ شيڊول جي پيراگراف 18 موجب اليڪٽورل ووٽن مان آصف علي زرداري 411 ۽ محمود خان اچڪزئي 181 ووٽ حاصل ڪيا. صدارتي چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل قومي اسمبلي ۽ چئني صوبائي اسمبلين ۾ صبح 10 وڳي کان شام 4 وڳي تائين جاري رهيو. جنهن دوران قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن ووٽ ڪاسٽ ڪيو، قومي اسيمبلي ۾ پولنگ جو عمل شروع ٿيو ته سڀني کان پهريون ووٽ پيپلز پارٽي جي عبدالحڪيم بلوچ ڪاسٽ ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف، اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف، صدارتي اميدوار آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اسحاق ڊار به ووٽ ڪاسٽ ڪيو.صدارتي چونڊن ۾ حڪومتي اتحاد طرفان اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ سني اتحاد ڪائونسل ۽ ٻين اپوزيشن اڳواڻن طرفان قومپرست اڳواڻ محمود خان اچڪزئي اميدوار آهي. صدارتي چونڊن ۾ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي لاءِ چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ پنجاب اسيمبلي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار دراني کي پريزائيڊنگ آفيسر مقرر ڪيو ويو. قومي اسمبلي ۾ پولنگ لاءِ سينيٽر شيري رحمان کي آصف علي زرداري جي پولنگ ايجنٽ مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته سينيٽر شفيق ترين، محمود خان اچڪزئي جو پولنگ ايجنٽ آهي. قانون مطابق صدر جي چونڊ ۾ سينيٽ، قومي اسمبلي ۽ بلوچستان اسمبلي جي ميمبرن جي هر  ڌ ميمبر جو هڪ ووٽ ڳڻبو آهي جڏهن ته پنجاب، سنڌ ۽ خيبر پختونخواه جي صوبائي اسمبلين جي ڪل تعداد کي بلوچستان اسمبلي جي ڪل ووٽن سان ونڊ ڪبي ته في اليڪٽوريل ووٽ ڳڻبو آهي.
آصف زرداري وڏي اڪثريت سان پنجاب اسيمبلي مان ڪامياب
پنجاب اسيمبليءَ مان حڪمران اتحاد جي اميدوار آصف زرداري وڏي اڪثريت سان صدارتي چونڊ کٽي ورتي.پنجاب اسيمبلي مان آصف علي زرداري 246 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو.سندس مدمقابل سني اتحاد ڪائونسل جي صدارتي اميدوار محمود اچڪزئي 100 ووٽ حاصل ڪري سگهيو.ايوان ۾ آصف زرداري جي بري تي پنجاب اسيمبلي جو هال جيئي ڀٽو جي نعرن سان گونجي ويو.
بلوچستان اسيمبلي: آصف زرداري 47 ووٽ حاصل ڪيا، پرزائيڊنگ آفيسر
پرزائيڊنگ آفيسر جسٽس نعيم اختر افغان چيو آهي ته آصف علي زرداري جي حق ۾ 47 ووٽ ڪاسٽ ٿيا. هن چيو ته مجموعي طور 62 ميمبرن کي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻا هئا پر 47 ميمبرن ووٽ ڪاسٽ ڪيو جڏهن ته 15 ميمبر غير حاضر رهيا، جيڪي جي يو آءِ (ف) جا هئا. هن وڌيڪ چيو ته سمورا ووٽ صحيح هئا، ڪو به ووٽ رد نه ٿيو، بلوچستان ڄائي محمود خان اچڪزئي کي اباڻي صوبي جي اسمبلي مان هڪ به ووٽ نه مليو.
سنڌ اسيمبلي: آصف زرداري کي 151 ووٽ مليا، محمود اچڪزئي کي 9 ووٽ
سنڌ اسيمبلي ۾ حڪمران اتحاد جي صدارتي اميدوار آصف زرداري 151 ووٽ حاصل ڪيا.سنڌ اسيمبلي مان سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار محمود اچڪزئي جي حق ۾ 9 ميمبرن ووٽ ڏنو.سنڌ اسيمبلي ۾ صدارتي چونڊ لاءِ 161 ووٽ ڪاسٽ ٿيا جڏهن ته هڪ ووٽ رد ڪيو ويو.سنڌ اسيمبلي جي صدارتي نتيجن جو حتمي اعلان پرزائيڊنگ آفيسر عقيل عباسي ڪندو.
ڪي پي اسيمبلي مان محمود خان اچڪزئي کي 91 ۽ آصف زرداري کي 17 ووٽ حاصل
خيبرپختونخواهه اسيمبلي مان محمود خان اچڪزئي کي 91 ۽ آصف علي زرداري کي 17 ووٽ مليا.خيبرپختونخواهه مان صدارتي چونڊن ۾ مجموعي طور 109 ووٽ ڪاسٽ ٿيا، جڏهن ته هڪ ووٽ رد ڪيو ويو.جمعيت علماءِ اسلام صدارتي چونڊ عمل جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ ان جي 9 ميمبرن ووٽ نه ڏنو.
بلوچستان اسيمبلي مان آصف زرداري کي 47 ووٽ مليا، سرفراز بگٽي
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته آصف زرداري کي بلوچستان اسيمبلي مان 47 ووٽ مليا.پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار محمود خان اچڪزئي کي بلوچستان اسيمبلي ۾ هڪ به ووٽ ناهي مليو.بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته آصف زرداري هميشه بلوچستان کي اهميت ڏني آهي، مستقبل ۾ به صدر هائوس مان بلوچستان جي مسئلن تي ڌيان ڏنو ويندو.سرفراز بگٽي چيو ته جماعت اسلامي ۽ حق دو تحريڪ رات دير تائين اسان سان گڏ هئا، مرڪزي قيادت جي فيصلي کانپوءِ جماعت اسلامي ۽ ٻين پارٽين ووٽ ڪاسٽ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ياد رهي ته 2008 کان 2013 تائين هو اڳ ۾ ملڪ جو صدر رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو