سڄي ملڪ اندر عيد ميلاد النبي ﷺ عقيدت سان ملهائي وئي

سڄي ملڪ اندر عيد ميلاد النبي ﷺ عقيدت سان ملهائي وئي

ڪراچي(نمائندن وٽان) سڄي ملڪ ۾ عيد ميلاد النبي ﷺ مذهبي عقيدت و احترام جوش جذبي سان ملهائي وئي. عاشقان رسول ملڪ اندر سرڪاري ۽ نجي عمارتن، مسجدن، رستن، چوراهن کي سينگاري ريليون ڪڍڻ سان گڏ خصوصي طور تي تيار ڪيل ڪيترائي مڻ وزني ڪيڪ به ڪاٽي لنگر به تقسيم ڪيو. وفاقي دارالحڪومت ۾ ڏينهن جو آغاز 31 توپن ۽ صوبائي دارالحڪومت ۾ 21، 21 توپن جي سلامي سان ٿي مسجدن ۾ نماز فجر کان پوءِ مسلمانن ۾ اتحاد ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون. جشن ولادت باسعادت رسول خدا جي موقعي تي سڄي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ جلوس ڪڍيا ويا جنهن ڪري سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا. عيد ميلاد جي سلسلي ۾ بين الاقوامي رحمت اللعالمين ڪانفرنس اسلام آباد ۾ منعقد ٿي گذري جنهن جي افتتاحي نشست جي صدارت وزيراعظم عمران خان ڪئي جنهن کي خطاب ڪندي هن چيو ته جيڪڏهن زندگي بهترين نموني گذارڻي آهي ته اسان کي پاڻ نبي ڪريم صلعم جن کي ماڊل بڻائڻو پوندو جنهن سان اسان جي زندگي سنورجي سگهجي ٿي.

هن چيو ته وڏو انسان اهو هوندو آهي جيڪو پنهنجي مالي وسائل سان انسانن جي خدمت ڪندو هجي دنيا ۾ جيترا به ولي، بزرگ آيا انهن نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي سنت تي عمل ڪيو ۽ انسانيت جي خدمت ڪئي. هن چيو ته رحم جي نالي تي ماضي ۾ اين آر او ڏئي ميرٽ ۽ انصاف جي اصول کي تباهه ڪيو ويو. ملڪ ۾ ڪرپٽ ٽولي وڏي ڦر لٽ ڪئي ۽ ملڪ کي ڪنگال ڪندڙن تي مونکي رحم نٿو اچي. هوڏانهن مولانا فضل الرحمان آزادي مارچ کي خطاب ڪندي چيو ته هي دنيا جي وڏي ۾ وڏي سيرت ڪانفرنس آهي. هن حڪومت تي تنقيد به ڪئي. ڪراچي ۾ 12 ربيع الاول جو مرڪزي جلوس ٻپهري جي نماز کان پوءِ نشترپارڪ کان نڪتو جيڪو ايم اي جناح کان ٿيندو کارادر پهچي اختتام پذير ٿيو. ميلاد جي سلسلي ۾ ايم اي جناح روڊ  کي ٽريفڪ لاءِ مڪمل طور بند ڪيو ويو هو. ڪوئٽه ۾ پڻ درجنين جلوس برآمد ٿيا جڏهن ته مرڪزي جلوس باچاخان چوڪ کان ڪڍيو ويو جو مختلف رستن کان ٿيندو پنهنجي منزل تي پهتو جلوس جي سيڪيورٽي لاءِ شهر ۾ تقريبن 30 هزار پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا.*** نوشهروفيروز مان مشتاق حسين مري مطابق  پوري ملڪ جيان نوشهروفيروز ۾ به عيد ميلاد  النبي ﷺ وڏي جوش جذبي سان ملهايو ويو. ميلاد جو جلوس عيد ميلاد ڪميٽي، انجمن غلامان پنجتن پاڪ، دعوت اسلامي ۽ ٻين پاران فيضان مدينه مسجد کان هڪ وڏي ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي.

ريلي ۾ شامل سرڪار جي آمد مرحبا، مٺڙي جي آمد مرحبا جا زوردار نعرا هڻي رهيا هئا. *** ڪنڌ ڪوٽ مان ڪنڌڪوٽ غالب بلوچ مطابق جشن عيد ميلاد النبي صه جي مبارڪ ڏينھن تي اھل سنت والجمائت پاران فقيريار محمد سھرياڻي جي قيادت ۾ ريلي ڪڍي وئي جنھن ۾ سوين گاڏين جو قافلو شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي غوثپور پھچڻ کانپوءِ  واپس مرڪزي جامع مسجد نورمصطفيٰ ۾ پڄاڻي ڪئي وئي. *** سيوھڻ رميز علي سولنگي مطابق پوري دنيا جيان قلندر جي نگري سيوھڻ شريف ۾ به ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي ميلاد جي موقعي تي ريلين جي صورت ۾ هزارن جي تعداد ۾ عاشقانه رسول حضرت محمد مصطفيٰﷺ جن جي شرڪت، ھر طرف سرڪار جي آمد مرحبا جا نعره بلند ھن سال به ھاليپوٽا برادري جي ريلي سيوھڻ شريف حضرت لعل شهباز قلندر جي درگاھ تي پھتي ريلي ۾ ٽريڪٽرن، موٽرسائيڪلن ۽ ڪارن جي وڏي تعداد موجود ھئي جنھن ۾ گلڙن جهڙن ٻارڙن جا سرڪار جي آمد مرحبا جا نعرهه بلند ھئا.

*** دادو مان ادل مهيسر مطابق سرورِ ڪائنات ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وسلم  جي جشن آمد جي سلسلي ۾ مرڪزي جماعت اھلسنت ضلع دادو جي مولانا عبدالوحيد قريشي، علامه قاري محمد بخش مھيسر،  جماعت اصلاح المسلمين ضلع دادو جي سعيد احمد ميمڻ طاھري، دعوت اسلامي ضلع دادو جي سيد خورشيد احمد شاھ، جمعيت علماء طاھريه جي علامه، انجمن نوجوانان اھلسنت دادو جي حافظ فيصل سومرو، انجمن سرفروشان اسلام دادو جي ملڪ ڪامران ۽ دادو جي شھر جي مختلف پاڙن مان ميلاد ريليون ڪڍيون ويون. جيڪي شهر جي مختلف رستن کان ٿيندو ڪچھري روڊ چوڪ تي پهتيون .جتي ريليون  جلسي جي صورت اختيار ڪري ويون .ريلين ۽ جلسي ۾ هرطرف سردار جي آمد مرحبا .سرڪار جي آمد مرحبا مدني جي آمد مرحبا جا زوردار نعرا هنيا ويا. *** ميرپور ماٿيلو مان ظهير وسير مطابق 12 ربيع الاول جو ڏينھن جشن عيد ميلاد النبي ﷺ وڏي جوش جذبي ۽عقيدت احترام سان ملهايو ويو انھي سلسلي ۾ ميرپورماٿيلو ۾ مرڪزي جماعت اھلسنت. سني تحريڪ ۽ ٻين مذھبي ۽ سياسي سماجي. سول سوسائٽي طرفان  ھڪ وڏي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾وڏي تعداد ۾عاشقان رسول ﷺ  شرڪت ڪئي. *** ڏيپلو مان فرمان بجير مطابق سرور ڪائنات ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم  جي جشن آمد جي سلسلي  ۾  حضرت مولانا مفتي علي نواز جهاڳورو، سيد محمد اسماعيل شاھ، غلام مصطفي سنگراسي، مولانا عبدالڪريم سومرو-حاجي ڪليم الله سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي مٺي کان ٿيندي ڏيپلي  الله والا چوڪ تي پهتي. ريلي ۾ هرطرف سردار جي آمد مرحبه، سرڪار جي آمد مرحبه، مدني جي آمد مرحبه جا زوردار نعرا هنيا ويا.

ان کان علاوهه وڳڻ، ڪشمور، ڏهرڪي، اوٻاوڙ، مانجهند، خانواهڻ، غوثپور، قاضي احمد، مورو، شيخ ڀرڪيو، ٽنڊوباگو، نارو، وارهه، جيڪب آباد، ڪُنب، ميروخان، بوزدار وڏا، محرابپور، ڳڙهي ياسين، ڪوٽ لالو، چوهڙ جمالي، ٽنڊو غلام حيدر، پکو، رتوديرو، پڊعيدن، مريد شاخ، ڊرگهه بالا، درياخان مري، پير جو ڳوٺ، شڪارپور، ڪنڊيارو، خانپور، سجاول، لکي غلام شاهه، شاهپور جهانيان، ٽنڊو مستي، سوڀوديرو، ڪرم پور، سلطانپور سميت ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون جنهن کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته آقا مدني صلعم پوري انسانيت لاءِ رحمت بڻجي هن دنيا ۾ آيا جنهن پنهنجي اخلاق جي ڪري پوري انسانيت کي متاثر ڪيو. نبي صلعم جي ولادت کان اڳ جهالت پنهنجي عروج تي هئي عرب دنيا جا ماڻهو جهالت جي اونداهي ۾ ايترا انڌا ٿي ويا هئا جو پنهنجيون نياڻيون زندهه دفن ڪندا هئا اهڙين رسمن جو خاتمو نبي پاڪ جي ولادت کان بعد ختم ٿي پوري انسانيت لاءِ رحمت بڻجي آيل مديني جو مير جي زندگي اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي جنهن جي پيروي ڪندي ٻنهي جهانن جو ڀلايون حاصل ڪري سگهجن ٿيون. جڏهن ته ريلين ۾ ملڪ جي سلامتي، خوشحاليءَ ۽ عالم اسلام جي سلامتي لاءِ پڻ دعائون گهـُريون ويون، جڏھن ته سيڪيورٽي جا انتظام پڻ سخت ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو