بدين( رپورٽ مرتضي ميمڻ) نندو شھر ۾ ملڪيت جي تڪرار تان سڳي ڀائٽي چاچن ۽ سئوٽ تي سڌي فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ ھڪ چاچو فوت ٻيو چاچو ۽ سئوٽ زخمي ٿي پيا. شهر جي ميمڻ فيملي ۾ ڪافي عرصي کان ملڪيت جي ورھاست تان ھلندڙ تڪرار تان گذريل ڏينهن حيسڪو بدين جي ميٽر ريڊر سڪندرعلي ميمڻ پنهنجي نجي اسپتال تي ويٺل سندس چاچي ڊاڪٽر عابد علي ميمڻ، حيدر علي ميمڻ ۽ ان جي پٽ شاويز ميمڻ ايڊووڪيٽ تي رپيٽر سان سڌا فائرڪري ھنن کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو. جن کي زخمي حالت ۾ رورل ھيلٿ سينٽر نندو آندو ويو جتان ڊاڪٽر عابد علي ميمڻ کي ڳڻتي جو ڳي حالت ۾ انڊس اسپتال بدين روانو ڪيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي هو فوت ٿي ويو. هوڏانهن جوابدار سڪندر علي ميمڻ نندو ٿاڻي تي پيش ٿي پاڻ مرادو گرفتاري ڏئي ڇڏي جڏهن ته پوليس فوت ٿيل ڊاڪٽر عابد علي جي ڀائٽي وڪيل شاويز ميمڻ جي رپورٽ تي قاتل سڪندر ميمڻ جي ٻن ڀائرن اشفاق علي ميمڻ ۽ اقبال علي ميمڻ کي پڻ استعمال ٿيل پسٽل سميت گهران گرفتار ڪري ورتو آهي فوتي ڊاڪٽر عابد ميمڻ جو پوسٽ مارٽم کانپوءِ سندس مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو. ياد رهي ته فوت ٿيل ڊاڪٽر عابد علي ميمڻ صحت کاتي مان 18 هين گريڊ ۾ هڪ سال اڳ رٽائر ٿيو هو ۽ نندو ڪڍڻ روڊ تي پنهنجي نجي اسپتال هلائيندو ھو.










