ملٽي نيشنل وٽ فنڊختم، پاڻي نيڪال نه ڪرڻ لاءِ فنڊ طلب

ملٽي نيشنل وٽ فنڊختم، پاڻي نيڪال نه ڪرڻ لاءِ فنڊ طلب

گھوٽڪي (ن سنڌيار)ملٽي نيشنل ڪمپنين جي ھٺ ڌرمي ۽ بي حيائي کي سلام ،ڪروڙين روپيه آمدني ڏيندڙ ڪمپنين او جي ڊي سي ايل قادرپور توڙي اينگرو پاورجن وٽ پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاء ڪا به بجيٽ ناھي .. او جي ڊي سي ايل پنھنجو پاڻي پھريان ٻاھر ڇوڙ ڪرائڻ جو شرط رکي ڇڏيو ،ڳوٺ حسين خان سنگھڙ ، ڳوٺ صابل خان عارباڻي ڳوٺ محمد مراد سنگھڙ جي رھواسين ٻھ ڏينھن پھريان او جي ڊي سي ايل قادرپور گيس فيلڊ گيٽ آڏو ڌرڻو ھڻي ڳوٺن مان پاڻي نيڪال جو مطالبو ڪيو ھو او جي ڊي سي ايل انتظاميه ھڪ ڏينھن جو ٽائيم وٺي صبح تي ڳوٺاڻن سان شرط رکيو ته پھريان او جي ڊي سي ايل فيلڊ جو پاڻي ٻاھر ڳوٺن طرف ڇوڙ ڪرڻ ڏنو وڃي جنھن تي ڳوٺاڻن کين ٻڌايو ته ڪمپني جي ئي پاڻي پھريان اسان کي ٻوڙيو آھي مزيد پاڻي اسان طرف ڇوڙ ڪرڻ مطلب اسان کي مڪمل ٻوڙڻ آھي اھڙو شرط نه مڃينداسين جنھن تي انتظاميه ڳوٺاڻن جي مدد ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو .. ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت مشينري خريد ڪري پاڻي نيڪال جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آھي جڏھن ته او جي ڊي سي ايل قادرپور گيس فيلڊ خلاف جلد ھي ڀرپور تحريڪ ھلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي . پاڻي نيڪال شروع ٿيئڻ واري ھنڌ عبدالغفور سنگھڙ ، اسد خان سنگھڙ محمد نواز سنگھڙ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪندي گھر ڪئي ته اسان جي ھن سيلابي صورتحال ۾ مدد ڪئي وڃي..

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو