ملير ۾ ڀت ڪرڻ سبب 3 ٻارڙا دٻجي فوت ٿي ويوا

ملير ۾ ڀت ڪرڻ سبب 3 ٻارڙا دٻجي فوت ٿي ويوا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ملير جي ٻڪرا پڙي واري علائقي ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا. ريسڪيو ذريعن موجب ڪمزور بنياد سبب گهر جي ڀت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڇوڪريون ۽ هڪ ٻارڙو ڀت هيٺان دٻجي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته ٻارڙن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آهن، جڏهن ته حادثي بابت وڌيڪ تفصيل طلب ڪيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو