ملير (درياخان شر) برسات جو پاڻي ملير ندي ۾ اچڻ سبب ڪاٺوڙ وٽ ندي مان نڪرندڙ رستو بند ٿي ويو آھي، 3 ٽرالر نديءَ ۾ ٻڏي ويا. انتظام اڻپورا ھجڻ ڪري سوين گاڏيون ڦاٿل آھن جڏھن ته ڪلٽي ٿيل ٽرالرن جي ڊرائيورن کي بچايو ويو. علائقي واسين ٽرانسپورٽرن چيو ته انتظاميا جي لاپرواهي سبب ڪاٺوڙ وٽ ندي مان نڪرندڙ رستو بند ٿي ويو آهي ڪو واهر ڪرڻ وارو ناهي.

هنن چيو ته 2 سال اڳ ورڪس کاتي جي وزير امداد پتافي 25 ڪروڙ ۾ متبادل رستو ٺاهيو جيڪو ڪم جو ناهي هر روز گاڏيون ڪرڻ سبب جاني مالي نقصان ٿئي ٿو. ھتان جي رھواسين گھر ڪئي آھي ته ڪاٺوڙ وٽ ملير ندي تي پل ٺاهي جاني مالي نقصان کان بچايو وڃي.










