ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملير جي سنڌ اسمبلي واري سيٽ پي ايس 88 تي ننڍي چونڊ ۾ سانگهڙ جيان پيپلزپارٽي وڏي ليڊ سان ميدان ماري ورتو. پاڪستان تحريڪ انصاف ٻئي نمبر تي به نه اچي سگهي. پيپلزپارٽي جو محمد يوسف بلوچ 24 هزار 621 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. ٻئي نمبر تي تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو اميدوار ڪاشف علي شاهه رهيو جنهن 6 هزار 99 ووٽ حاصل ڪيا. پي ٽي آءِ جو اميدوار جان شير جوڻيجو رهيو جنهن 4 هزار 870 ووٽ حاصل ڪيا. هن تڪ تي 20 اميدوار ميدان م هئا. 600 ووٽ رد ڪيا ويا، 39 هزار 366 درست ووٽن مان 61 سيڪڙو ووٽ پيپلز پارٽي حاصل ڪيا. ياد رهي ته پي ٽي آءِ تي حملا ۽ جهيڙا ڪرڻ جوا لزام به لڳو ۽ سنڌ اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ گرفتار ٿيو، جنهن خلاف 4 ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ ڪراچي جي عدالت اڱاري تي کيس 2 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو. پي ٽي آءِ اڳوان خرم شيرزمان چيو آهي ته سنڌ حڪومت کين خاموش نٿي ڪرائي سگهي، حليم عادل کي مراد علي شاهه جي ڪرپشن خلاف ڳالهائڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته هو سڄو ڏينهن صدر عارف علوي سان گڏ هو کيس خبر ئي نه هئي پر جيڪو قانون ٽوڙيندو ته قانون حرڪت ۾ ايندو.










