ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آچر تي اوچتو 39 ڪلوميٽر ڊگهي ملير ايڪسپريس وي جو دورو ڪيو ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران بجلي جا ٿنڀا اڃا نه هٽائڻ تي ڪاوڙ ظاهر ڪندي کين هدايت ڪئي تو فوري اهي منتقل ڪيا وڃن. وڏي وزير کي بڌايو ويو ته فيز ون جي کلڻ ۾ دير جو سبب بجلي جا ٿنڀا آهن. ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب به وڏي وزير سان گڏ هو، کين پي ڊي نياز سومرو آن سائيٽ بريفنگ ڏني. وڏي وزير چيو ته ڪي اليڪٽرڪ خرچ ڏنو ويو آهي پوءِ دير ڇو آهي؟ هن دي سي کي هدايت ڪئي ته هڪ هفتي اندر ٿنڀا هٽايو نه ته اوهانجي خلاف ڪاروائي ڪندس. ڪورنگي ڪاز وي لڳ حد دخلين جو به سي ايم نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ۽ ڊي سي ڪورنگي کي اهي هٽائڻ جو حڪم ڏنو. وڏي وزير چيو ته ڪورنگي ڪاز وي کان شاهه فيصل تائين جو سيڪشن ڊسمبر ۾ ٽريفڪ لاءِ کولڻو آهي. ملير ايڪپريس وي تي 6 انٽرچينج، 3 پلون، 5 وزن جا ڪانٽا، هڪ انڊر پاس ۽ 2 ٽول پلازا ٺاهڻا آهن. ياد رهي ته هن رٿا تي ڪم مئي 2022 ۾ شروع ٿيو پر فوجي علائقن مان گزرڻ سبب سندس اعتراض دور ڪرڻ سبب ڪم دير جو شڪار ٿيو ۽ رٿا مڪمل ڪرڻ جي ڊيڊ لائين نومبر 2024 مان وڌائي 30 جون 2025 مقرر ڪئي وئي آهي. وڏي وزير ڪم تيز ڪرڻ ۽ مڪمل وقت تي روڊ کولڻ جي هدايت ڪئي.










