ملتان ۾ پوليس اهلڪارن جي فائرنگ 2 نوجوان فوت

ملتان ۾ پوليس اهلڪارن جي فائرنگ 2 نوجوان فوت

ملتان (ويب ڊيسڪ) شاهه رڪن عالم ڪالوني ۾ پوليس جي فائرنگ ۾ 2 نوجوان مارجي ويا آهن. پوليس جي دعويٰ آهي ته موٽرسائيڪل سوار نوجوانن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو ويو پر جڏهن هو اشاري باوجود نه بيٺا ته هنن مٿان فائرنگ ڪئي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ 2 نوجوان مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان هوٽل مان ماني کائڻ کانپوءِ گهر وڃي رهيا هئا، مارجي ويل نوجوان عثمان نائين ڪلاس جو شاگرد هو، جڏهن ته نوجوان تي فائرنگ ڪندڙ اهلڪار فرار ٿي ويو. پوليس موجب مقتول جي والد عثمان جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. وارثن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ٻئي نوجوان سميع الله جي عمر 19 سال هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو