ملتان ۾ رهائشي عمارت ڪرڻ سبب 9 ڄڻا فوت

ملتان ۾ رهائشي عمارت ڪرڻ سبب 9 ڄڻا فوت

ملتان (ويب ڊيسڪ) ملتان جي اندرين علائقي ۾ 3 ماڙ رهائشي عمارت ڪرڻ سبب 9 ڄڻا فوت ٿي ويا.ڊپٽي ڪمشنر موجب ملتان جي اندرين شهر محلا جواديان ۾ هڪ رهائشي عمارت صبح ساڍي 4 وڳي زبون حال ٿيڻ سبب ڪري پئي.ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ هو ته عمارت جو ڪجهه ملبو ان جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي واقع گهرن تي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ فوتين ۽ زخمين کي نشترا اسپتال منتقل ڪيو ويو.ضلعي ايمرجنسي آفيسر موجب عمارت ڪرڻ سبب 11 ڄڻا دٻجي ويا، هاڻي سمورن ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي ۽ ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪيو ويو آهي.ريسڪيو آفيسر جو چوڻ آهي ته حادثو باورچي خانه ۾ گئس ليڪ ٿيڻ سبب پيش آيو.ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ماڙ عمارت جو هڪ حصو ڀر واري گهر تي ڪري پيو، ان گهر ۾ موجود 5 ڀائر ۽ سندن والدين فوت ٿي ويا.ريسڪيو اختيارين موجب حادثي ۾ ڪل 9 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا.

پهنجو تبصرو موڪليو