ملتان ٽيسٽ: پاڪستاني بيٽنگ ناڪام، پوري ٽيم 230 رنسن تي ڍير

ملتان ٽيسٽ: پاڪستاني بيٽنگ ناڪام، پوري ٽيم 230 رنسن تي ڍير

ملتان(ويب ڊيسڪ)ملتان ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن، پوري پاڪستان ٽيم ويسٽ انڊيز خلاف 230 رنسن تي ڍير ٿي وئي.ملتان ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن، پاڪستان ويسٽ انڊيز خلاف پنهنجي نامڪمل اننگز 4 وڪيٽن جي نقصان تي 143 رنسن سان ٻيهر شروع ڪئي.ٻئي ڏينهن جي راند جي شروعات به پاڪستاني بيٽسمينن لاءِ سٺي نه هئي ۽ پهرين سيشن ۾ ئي وڪيٽون ڪرڻ شروع ٿي ويون.سعود شڪيل ۽ سلمان آغا ترتيب وار 84 ۽ 7 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته محمد رضوان 71 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو.رضوان کان پوءِ ڪريز تي ايندڙ نعمان علي به ڊڪ تي هليو ويو، جڏهن ته خرم شھزا 7 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ آئوٽ ٿي ويو.ان کان علاوه ڪپتان شان مسعود 11، بابر اعظم 8، محمد هريره 7 ۽ ڪامران غلام 5 رنسون ٺاهيون.ويسٽ انڊيز لاءِ جيڊن سيلز ۽ جميل ريڪن 3-3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ڪيون سنڪليئر 2 ۽ گداڪيش موتي هڪ وڪيٽ ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو