ملتان جي ٽيم 245 ڪروڙن ۾ نيلام، نالو راولپنڊي ٿي ويس

ملتان جي ٽيم 245 ڪروڙن ۾ نيلام، نالو راولپنڊي ٿي ويس

لاهور(ويب ڊيسڪ) کلي ٻولي ۾ پي ايس ايل جي فرنچائز ملتان سلطانز کي ولي ٽيڪ 10 سالن لاءِ 2 ارب 45 ڪروڙ رپين ۾ خريد ڪري ورتو آهي.
ملتان سلطانز جي ٽيم جي نيلامي جي تقريب لاهور ۾ منعقد ٿي. جنهن ۾ چيئرمين پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ محسن نقوي به شرڪت ڪئي. نئين خريدار ٽيم جو نالو ملتان مان مٽائي راولپندي رکي ڇڏيو آهي.
نيلامي واري تقريب ۾ پي سي بي جو اڳوڻو چيئرمين نجم سيٺي پڻ موجود آهي، جڏهن ته پاڪستان جو ليجنڊ بيٽسمين ظهير عباس به ملتان جي آڪشن جي موقعي تي آيو آهي. لاهور قلندرز جا مالڪ ثمين رانا ۽ عاطف رانا به ايڪسپو سينٽر لاهور ۾ ٿيندڙ نيلامي تقريب ۾ شريڪ آهن.
پي ايس ايل جي ٽيم ملتان سلطانز جي نيلامي ۾ پنج بڊرز حصو وٺي رهيا آهن. ملتان جي ٽيم جي نيلامي لاءِ بيس پرائس 182 ڪروڙ رپيا مقرر ڪئي وئي هئي.
پي سي بي موجب مقرر وقت اندر ڪُل ڇهه پروپوزلز مليا، جن جي تفصيلي ۽ شفاف جانچ بعد پنج بڊرز کي فني طور اهل قرار ڏنو ويو، جن نيلامي ۾ حصو ورتو.
واضح رهي ته ملتان سلطانز جي اڳوڻي مالڪ علي ترين 10 سالن واري ملڪيت جي معاهدي جي تجديد کان انڪار ڪيو هو، جنهن کانپوءِ پي سي بي فرنچائز جي نيلامي جو اعلان ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو