لنڊن (شوبزنيوز) نوبل انعام يافته سماجي ڪارڪن ملالا يوسفزئي پاران بڻايل فلم پراڊڪشن ڪمپني آمريڪي ويب سيريز ۽ هالي ووڊ فلمون بڻائڻ جي شروعات ڪري ڇڏي،پراڊڪشن ڪمپني ” ايڪسٽراڪري ڪلر“ ايپل پلس ٽي وي لاءِ دستاويزي فلم سميت فيچرفلم بڻائڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو. ملاله تازو هڪ رسالي کي انٽر ويو ڏيندي ٻڌايو آهي ته هوءَ پنهنجي پروڊڪشن ڪمپني کولڻ جو ارادو رکي ٿي.هن چيو آهي ته جڏهن به هن کان ڪير شعبي چونڊڻ بابت سوال ڪندو آهي ته هوءَ پريشان ٿي ويندي آهي ڇاڪاڻ ته کيس سماجي ڪم ڪندي ڏهاڪو ٿي ويو آهي ۽ ان کانسواءِ هن ڪجهه ٻيو ناهي سوچيو.هن چيو ته هاڻي هوءَ پنهنجي سماجي ڪم کي ڪنهن هڪ پاسي محدود نٿي ڪرڻ چاهيان لاءِ رڳو اين جي اوز تائين سماجي ڪم کي محدود ڪرڻ بجاءِ هوءَ هالي ووڊ ذريعي پنهنجو سماجي ڪم ڪندي. آڪسفورڊ مان پڙهائي پوري ڪندڙ ملالا يوسفزئي هڪ ميگزين کي انٽرويو ڏيندي پنهنجي مستقبل بابت کلي ڪري ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.هن چيو ته اڪثر هالي ووڊ فلمن ۾ اسان فرق محسوس ڪندا آهيون هن وڌيڪ چيو ته هوءَ هڪ عورت، مسلمان، پشتون، پاڪستاني ۽ مخصوص رنگ جي نسل سان تعلق رکي ٿي.










