فوج خلاف ڳالهائيندڙن جي زبان ڇڪڻ گهرجي، شيخ

فوج خلاف ڳالهائيندڙن جي زبان ڇڪڻ گهرجي، شيخ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته سرڪاري ملازمن تي ٿوري گهڻي ٽيئر گئس به ضروري هئي، ٽيئر گئس ڊگهي عرصي کان بيڪار پيل هئي، ٽيسٽ ڪرڻ لازمي هو، اڃا به کوڙ ساري ٽيئر گئس محفوظ رکيل آهي، هن چيو ته حڪومت ٿورو ان معاملي کي مس هينڊل ڪيو پر اسين گريڊ هڪ کان 19 هين تائين جي مالزمن جي پگهار ۾ 25 سيڪڙو واڌ ڪئي ان سان اربين روپيا وڌيڪ خرچ ٿيندا. اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪدي هن چيو ته جن جماعتن پاڪستان جي مخالفت ڪئي اهي انتشار پکيڙڻ چاهين ٿيون ۽ جيڪي فوج خلاف ڳالهائين ٿا سندن زبان ڪاڪڙي مان ڇڪي ڪڍڻ گهرجي. هن اعلان ڪيو ته دنيا جي 109 ملڪن ۾ جيڪي ويزا آفيسر 3 سالن کان وڌيڪ ڪم ڪري رهيا آهن انهن کي واپس گهرايو ويندو. اهي ماڻهو سمنڊ پار پاڪستانين کي تنگ ڪن ٿا. هن چيو ته ڪجهه اهڙا آهن جيڪي 12 سالن کان ساڳئي پوسٽنگ تي آهن، ڪجهه ملازمن ته شهريت وٺي ڇڏي آهي ۽ ڪجهه پرڏيهه ۾ نوڪري به ڪن ٿا. هن چيو ته جيڪي پاڪستان نه ايندا انهن کي برطرف ڪنداسين. هن چيو ته پاسپورٽ جي مدت 10 سال ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته اسلام آباد ۾ 237 پارڪ آهن هر مهيني پارڪ جو افتتاح ڪندس ۽ اسلام آباد کي خوبصورت ڪنداسين. هن چيو ته هاڻي موسم تبديل ٿي ويو، مولانا فضل الرحمان لاءِ حلوي جي دعوت وارو بيان تبديل ڪريان ٿو، هاڻي کيس به مامرن تي سوچڻ گهرجي، سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ يا ڳجهي ووٽنگ ذريعي ٿين، وڪرو ٿيڻ وارو وڪرو ٿي ويندو آهي، اسان به گهڻن ماڻهن کي مڪي ۽ مديني جا سير ڪرايا، پوءِ به مخالفن کي ووٽ ڏنا ويا، آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري منهنجي ڳالهه سمجهي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو