مفتاح اسماعيل پارٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

مفتاح اسماعيل پارٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل مسلم ليگ ن سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ن ليگ جي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال کي لکيل خط ۾ مفتاح اسماعيل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي کان علاوه پارٽي جي سمورين پارٽين تان استعيفيٰ جو اعلان ڪيو آهي.مفتاح اسماعيل جو چوڻ آهي ته هاڻي مان چونڊ سياست ۾ سرگرم نه ٿيندس، پارٽي قيادت جو شڪر گذار آهيان جنهن مون کي پارٽي ۾ نه پر حڪومت ۾ به ذميواريون ڏنيون، سندن حمايت ۽ اعتماد تي هميشه شڪر گذار رهندس.هن چيو ته مان سماجي طور تي انصاف ۽ اقتصادي طور تي مستحڪم پاڪستان ڏسڻ چاهيان ٿو، منهنجي اوهان، پارٽي ۽ سمورن اڳواڻن لاءِ نيڪ خواهشون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو