ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اليڪشن ٽربيونل ڪراچي جَي تڪ اين اي 249 تي مسلم ليگ (ن) جي اميدوار مفتاح اسماعيل جِي نااهلي خلاف درخواست رد ڪندي کيس چونڊ لاءِ اهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏنا ته مفتاح اسماعيل تي ٻٽي شهريت، بينڪ ڊيفالٽر ۽ نيب ريفرنس ۾ نامزد هجڻ جا الزام آهن، کيس نااهل قرار ڏنو وڃي، اليڪشن ٽربيونل مفتاح اسماعيل جي نامزدگي ڪاغذن خلاف درخواست رد ڪندي کيس ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.ٽريبولن چيو ته هن کي سزا ناهي ملي صرف جوابدار نامزد هجڻ جي بنياد تي کيس چونڊن وڙهڻ جي حق کان محروم نٿو ڪري سگهجي.










