ڪنڌڪوٽ (ن س)ڪچي جي علائقي ڳڙهي تيگو ۾ پوليس اهلڪارن جي بازيابي لاءِ سرچ آپريشن جاري آھي. پوليس جي ڪارروائي دوران 3 ڇوڪريون هٿ ڪيون ويون آھن. ايس ايس پي ڪشمور ايٽ ڪنڌ ڪوٽ عرفان سمون جو چوڻ آهي ته ڇوڪريون ڊانسر آهن جن کي ڏيڍ مهينو اڳ ڪرمپور ۾ ڪراچي مان شادي جي تقريب ۾ گھرايو ويو ھو” بازياب ڪرايل دانسرز ۾ عارفا، عنبرين ۽ مسڪان شامل آهن. ايس ايس پي موجب ڪارروائي دوران جوابدار جوابي فائرنگ ڪئي جڏھن سندن گھيرو تنگ ٿيو تھ ھو 3 مغوي ڇوڪريون ڇڏي فرار ٿي ويا، ڌاڙيلن جو تعلق تيغاڻي گينگ سان آهي. مغوي پوليس اهلڪارن جي بازيابي لاءِ آپريشن جاري آهي. ياد رھي تھ ايس ايڇ او گل محمد مھر سميت 3 پوليس اھلڪار ڪچي ۾ ھڪ ڪاروائي دوران اغوا ٿي ويا ھئا. ڪنڌ ڪوٽ ۽ ڪشمور جي علائقن مان ٻارڙن سميت 40 کان مٿي ماڻھو اغوا ٿيل آھن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڏنل الٽيميٽم ختم ٿيڻ بعد سردار تيغو خان تيغاڻي جي گهر تي ڇاپو هنيو ويو، جتي سردار موجود نه هو ۽ اطلاعن موجب هو پنجاب فرار ٿي ويو آهي، ڌاڙيلن جي همدردن، مخبرن ۽ سردار تيغي جي ملازمن سميت 12 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.










