غوثپور (رپورٽ عبدالنبي ملڪ) ايس ايس پي ڪشمور امجد علي شيخ جي هدايتن تي ضلعي ڪشمور جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري جي 4 مغوين جي بازيابي لاءِ ڳڙهي لاڙو واري علائقي ۾ سرچ آپريش ڪيو ويوآپريشن ۾ بڪتر بند گاڏيون ۽ 6 پوليس موبائيلن حصو ورتو۔ ڪجھ ڏينھن اڳ علائقي مان مبينا اغوا ٿي ويل علي خان جعفري ۔ غلام شبير جعفري ، امان الله جعفري ۽ ياسين نندواڻي جي بازيابي لاءِ ڪشمور پوليس جو ڳوٺ نثار سبزوئي تي آپريشن ڪيو ويو ۔ پوليس جي اچڻ کان اڳ ۾ ئي جوابدار گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا۔ پوليس ٻن مبينا ڏوھارين نثار ۽ جبار جي گھرن کي باھيون ڏيئي ساڙي ڇڏيو پوليس ذريعن مان مليل معلومات موجب ٽن شڪي جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويو آھي جن جي جاچ ڪئي پئي وڃي۔










