لنڊن (ويب ڊيسڪ)انگلش ڪرڪيٽر معين علي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ واپسي لاءِ سوچڻ شروع ڪري ڇڏيو.ميڊيا رپورٽن موجب معين علي کي جيڪ ليچ جي زخمي ٿيڻ کانپوءِ ريٽائرمينٽ واپس وٺڻ لاءِ چيو ويو آهي.آل رائونڊر معين علي 2021ع جي سيزن جي پڄاڻيءَ تي ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿي ويو.معين علي انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي انتظاميا سان رابطن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب جيڪ ليچ جي ايشز سيريز کان ٻاهر ٿيڻ کانپوءِ انتظاميا معين علي جي واپسي جي خواهشمند آهي.










