معياري ٻج، وقت تي دوا، ڀاڻ ۽ پاڻي ڏيڻ سان ڪپهه جي وڌيڪ پيداوارملي ٿي. ماهر

سلطانپور(رپورٽ قربان علي مھر) زراعت مان وڌيڪ منافعو ڪمائڻ جي تمام گھڻي گنجائش موجود آھي، وڌيڪ فائدو حاصل ڪرڻ لا۽ معياري ٻج، مندائتي پوکي، هموار زمين، وقت تي دوا ۽ ڀاڻ جي استعمال سان آبادگار وڌيڪ اپت حاصل ڪري سگهن ٿا. اهڙو اظهار ايگريڪلچر ايڪسٽينشن سکرجي ڊائريڪٽر رسول بخش جوڻيجو، وقار احمد ڇڄڙو ۽ ٻين زرعي ماھرن عوام ۾ ڪپهه جي فصل بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ منعقد ڪيل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هنن چيو ته سنڌ جي زراعت کاتي جي اھا ذميوار ي آهي ته آبادگارن  کي رھنمائي ۽ سھولتون فراھم ڪري جيئن هو ڪپهه جي اپت وڌائي پنهنجي ۽ ملڪ جي خوشحالي لاءِ ڪردار ادا ڪن. سندن وڌيڪ چوڻ ھو ته  فصلن اندر ڪيترائي جيت ۽ بيماريون لڳن ٿيون، انهن کا بچاءٔ لا۽ زرعي زھرن جو استعمال ڪجي ٿو پر انهن جو ٺيڪ نموني سان استعمال ڪري يا انهن زھرن کي محفوظ  نه رکڻ ڪري ڪيتريون ئي انسانيون جانيو ضايع ٿي چڪيون آھن. هنن چيو ته اھو زھر نه رڳو انسان پر جانورن پکين ۽ ٻئي جيوت لا۽ پڻ نقصانڪار ثابت ٿيا آهن انهن زھرن ڪري ماحول  پاڻي، زمين ۽ ھوا ۾ گدلاڻ جو اضافو ٿيو آهي. جنهن سان ماڻهن اندر ڪيتريون ئي بيماريون لڳيون آھن انهيَ لا۽ ضروري آھي ته انهن جو استعمال محفوظ طريقي سان ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو