لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) معصوم نينگري سان زوري زنا ڪندڙ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. رتوديرو جي هڪ ڳوٺ ۾ وحشي نوجوان، معصوم نينگري سان زيادتي ڪئي هئي. جنهن بعد فريال ٽالپر واقعي جو نويس وٺندي ڪيس داخل ڪرڻ ۽ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. جڏهن ته سنڌ جي وومين ڊولپمينٽ بابت صوبائي وزير سيده شهلا رضا پڻ واقعي جو نوٽيس وٺندي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. شفيع نالي شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي. متاثره ڇوڪري چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال لاڙڪاڻي جي انتهائي نگهداشت واري يونٽ ۾ داخل آهي. صوبائي وزير شهلا رضا طرفان وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طاهر ڪوريجو متاثر عورت جي عيادت ڪئي ۽ سندس خاندان کي هر ممڪن مدد جو يقين ڏياريو هو.










