مانجهند (ن س)مانجهند ۾ گهوٽڪي جي معصوم ٻارڙن جي قتل خلاف ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڌرڻا قاتل گرفتار ڪرڻ جا مطالبا تفصيل موجب مانجهند ۾ جيئمسٽ فورم ۽ سول سوسائٽي طرفان گهوٽڪي جي معصوم ٻارڙن جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ لاء ڌار ڌار احتجاج ڪندي ڪارڪنن شاهي بازار مان احتجاجي مظاهرو ڪندي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي بابل لطيف کوسو پير سجاد حسين اڪبر کوسو يوسف عمراڻي گلزار ملاح محرم خاصخيلي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت گهوٽڪي ۾ امن جو پکي اڏامڻ سبب ظالم جواڀدارن معصوم ڀاه ڀيڻ کي اغوا ڪري بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه پئي ڪري فوري طور کين قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو










