معصوم افشان سان زيادتي جي طبي رپورٽ ۾ تصديق

معصوم افشان سان زيادتي جي طبي رپورٽ ۾ تصديق

دادو (ن سنڌيار) دادو ۾ 3 سالن جي معصوم افشان سان جنسي ڏاڍائي جي شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر نصرت ٻرڙو ابتدائي رپورٽ ۾ افشان سان زيادتي جي تصديق ڪئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته معصوم افشان جي ڪپڙن ۽ جسم تي رتُ هو سوڄ پڻ هئي، جسم ، ڪپڙن تي رت جا نشان ۽ سوڄ سان گڏ افشان کي تڪليف پڻ هئي، ڊاڪٽر نصرت ٻرڙو جو چوڻ آهي ته علامتن مان لڳي ٿو ته ٻارڙي سان جنسي ڏاڍائي ٿي آهي. تفصيلي رپورٽ بعد ۾ جاري ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو