ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عالمي منڊي ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اضافو ٿيو آهي.
تفصيل موجب عالمي مارڪيٽ ۾ برينٽ ڪروڊ 93.50 ڊالر في بيرل ۽ ڊبليو ٽي آءِ 90 ڊالر في بيرل جي لڳ ڀڳ واپار ڪري رهيو آهي، جڏهن ته مربن خام تيل 90 ڊالر في بيرل تي وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي طرف، ايران-آمريڪا معاهدي ۾ اڳڀرائي جي گهٽتائي جي باوجود، ايشيائي مارڪيٽ ۾ ڪاروباري هفتي جي شروعات ۾ تيزي نظر اچي رهي آهي.
رپورٽ موجب، گذريل هفتي جي رڪارڊ واڌ کان پوءِ اڄ به ڪورين ڪوسپي ۽ جاپان جي نڪي کي مثبت طور ڏٺو پيو وڃي.










