لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ حماد اظهر چيو آهي ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان اهو معاهدو چونڊن تائين پاڪستان جي معيشت کي ڏيوالپڻي کان بچائي سگهي ٿو پر معاشي چئلينجز گهٽ نه ٿيندا.هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام هڪ سال لاءِ منجمد ڪرڻ سان پي ڊي ايم معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهتو.حماد اظهر چيو ته معيشت کي پروگرام جي آخري رقم حاصل ڪرڻ ۾ ڪجهه هفتا لڳي ويا آهن.حماد اظهر چيو ته آءِ ايم ايف سان 9 مهينن جو اسٽينڊنگ معاهدو سخت شرطن سان آهي، پي ٽي ايم 14 مهينن ۾ معاملا نه سنڀاليا، هاڻي عوام ان جي قيمت وڌيڪ مهانگائي جي صورت ۾ ادا ڪندو.هن چيو ته نئين چونڊيل حڪومت کي ٻيهر آءِ ايم ايف سان ويهڻو پوندو.










