اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته هڪ ڊگهي انتظار کان پوءِ معاشي پاليسين جا بهتر نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن.پنهنجي ٽوئٽ ۾ فواد چوڌري چيو ته پيپلز پارٽي ۽(ن) ليگ معيشت جو جيڪو حشر ڪيو ان جي نتيجن ۾ معاشي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو. هڪ ڊگهي مدت کان پوءِ معاشي پاليسين جا بهتر نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن. ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 4000 هزار ارب روپين کان وڌيڪ ٽيڪس گڏ ٿيو آهي. وفاقي وزير چيو ته پرڏيهي پاڪستانين معيشت کي پيرن تي بيهارڻ واري هن ڪوشش ۾ سٺي طريقي سان حصو وڌو آهي. هنن هڪ هزار روپيه پاڪستان موڪليا. ان کان علاوه ڪڻڪ، چانور، ڪمند ۽ مڪئي جي تاريخي پيداوار ٿي. زرعي ميشت ۾ 1100 ارب روپيه منتقل ٿيا. ان سان هارين جي خريد واري طاقت ۾ به اضافو ٿيو ٽريڪٽر 64 سيڪڙو وڌيڪ وڪرو ٿيا آهن. جڏهن ته ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جي استعمال ۾ به اضافو ٿيو آهي.اطلاعات واري وزير وڌيڪ چيو ته 27 مئي تي پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ 2.21 ارب شيئر جي خريد ۽ وڪرو جو نئون رڪارڊ قائم ڪيو. هن وقت پاڪستان جي مارڪيٽ دنيا جي بهترين مارڪيٽ آهي. سوال اهو آهي ته ڇا هن وقت جڏهن معيشت مٿي وڃي رهي آهي ۽ عام ماڻهو جي حالت بدلجي رهي آهي اپوزيشن احتجاج جو سڏ ڇو ڏئي رهي آهي. اهڙي سياست سان ڪنهن کي فائدو ٿيندو.










