اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سڌسماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته هڪ شخص ملڪ ۾ ڏچو ۽ افراتفري چاهي ٿو عمران خان آئي ايم ايف سان سخت شرطن تي معاهدا ڪري ملڪ ۽ قوم کي نقصان ڏنو وزيراعظم طرفان رمضان شريف ۾ مفت اٽو فراهم ڪرڻ تاريخي قدم آهي وزيراعظم جي هدايت تي ضرورتمند غريبن کي مفت اٽو ڏنو پيو وڃي 42 لک ماڻهن کي مفت اٽي جا ٿيلا ورهيا ويا آهن بلوچستان ۽ سنڌ ۾ به مفت اٽو جلد ورهايو ويندو. عوام کي سستو پيٽرول به جلد فراهم ڪيو ويندو ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته معاشي مسئلن جي هوندي عوام جي خدمت لاءِ ڪوشان آهيون وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عوامک ي سهولتون ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري ٿو وفاقي وزير چيو ته بي آئي ايس پي ڊيٽا کي استعمال ڪندي اٽي جي مفت فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي مريم اورنگزيب چيو ته مفت اٽي جي ورڇ ۾ سفافيت کي يقيني بڻايو پيو وڃي هن وقت تائين 42 لک ماڻهن کي مفت اٽي جا ٿيلا ڏنا ويا آهن.










