ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته ڪراچي معاشي حب سان گڏ فن ۽ ثقافت جو خاص مرڪز به آهي هن شهر کي گهر بڻائيندڙ فنڪار پنهنجي شعبي ۾ وڏي عروج تي پهتا آهن ان جي ڪري سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ٿيو ۽ فائن آرٽس ۾ به ڪيترائي فنون ملڪ ۽ قوم جي سڃاڻ بڻيا اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪي ايم سي ڪراچي جي اهتمام هيٺ صادقين ايوارڊز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو تقريب ۾ ڪيترن ئي ملڪن جا قونصل جنرلز ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ڊاڪٽر سيف الرحمان، سينيئر ڊائريڪٽر ڪلچر اينڊ اسپورٽس سيف عباس سميت ٻيا به موجود هئا گورنر وڌيڪ چيو ته صادقين عظيم فنڪارن ۾ شامل آهي جن جي فن جو دنيا نه رڳو اعتراف ڪري ٿي پر خطاطي ۽ مصوري جي حوالي سان صادقين کي مڪمل انسٽيٽيوٽ به تسليم ڪري ٿي هن وقت صادقين جا شاگرد سڄي دنيا ۾ موجود آهن ۽ ڪراچي جي رهواسين کي اهو اعزاز حاصل آهي ته صادقين جو تعلق هن عظيم شهر سان هو هن چيو ته عظيم مصور سان جڙيل ايوارڊز جي روايت برقرار رکندڙ انتظاميه مبارڪ جي مستحق آهي اڄوڪي هن تقريب جي خاص ڳالهه ان کي بهتر انداز ۾ منعقد ڪيو پيو وڃي هن چيو ته فائن آرٽس ۽ معياري تخليق جا جوهر ڏيکاريندڙ فنڪارن کي اڄ هڪ بهتر پليٽ فارم دستياب آهي ان ڏس ۾ صادقين آرٽ گئلري جي قيام سان گڏ ئي ڪي ايم سي ڪراچي ساراهه جوڳا قدم کڻندي صادقين ايوارڊ جاري ڪيو. اميد آهي ته ايوارڊ حاصل ڪندڙ خوب کان خوب تر، جي جستجو ۽ تلاش جاري رکندا.










