معاشي بحران هلي پيو، نوڪري حاصل ڪرڻ ڏکيو آهي

معاشي بحران هلي پيو، نوڪري حاصل ڪرڻ ڏکيو آهي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)صوبائي وزير محنت سعيد غني چيو ته آئون جڏهن زيبسٽ ويو هوس ته ان پروگرام بابت ٻڌو هو ۽ اهو پولي ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ جي سهڪار سان هڪ بهترين منصوبو آهي. سعيد غني چيو ته ملڪ جي موجوده صورتحال ۾ سڀني لاءِ نوڪري حاصل ڪرڻ ڏکيو آهي. مقامي علائقي جي ماڻهن کي هن اداري مان هنر سکڻ جو موقعو ملندو. هن چيو ته اعظم بستي هڪ پٺتي پيل علائقو آهي ۽ هي منهنجو حلقو پڻ آهي ۽ اڄ ڪراچي ۾ زيب ٽيڪ جو هي پهريون ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ آهي جيڪو هن علائقي جي عوام لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جو تحفو آهي ڇوته هي ادارو عوام جي ضرورتن کي پورو ڪري ٿو ڇوته هي ادارو هتان جي آبادي جي ضرورت هئي. سعيد غني چيو ته هن اداري ۾ ٽن شفٽن ۾ ڪم ڪيو ويندو ۽ 1500 مرد ۽ عورت شاگردن جي گنجائش موجود آهي. هن چيو ته اسان هن ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ سنجيدگي سان ورتو ۽ زيب ٽيڪ جي حوالي ڪيو ۽ وڏي وزير جي مهربانيءَ سان هن اداري لاءِ فنڊز فراهم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته اسان ان منصوبي کي گهٽ وقت ۾ مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ڇاڪاڻ ته اسان سمجهون ٿا ته اڄ ملڪ ۾ معاشي بحران آهي ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته اسان جي ٻارن کي اهڙي تربيت ۽ تعليم ڏني وڃي ته هو پنهنجي لاءِ روزگار ڳولي سگهن. تقريب کي سنڌ جي صحت واري وزير ۽ زيبسٽ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر عذرا پيچوهو پڻ خطاب ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو