اسلام آباد(بيورو)پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر مصدق ملڪ وفاقي وزير طور حلف کڻي ورتو آهي.مصدق ملڪ ايوان صدر ۾ حلف کنيو جتي صدر عارف علي کيس وفاقي وزير طور حلف کڻايو. ذريعن جو چوڻ آهي ته سينيٽر مصدق ملڪ کي توانائي جو قلمدان ڏنو ويندو. واضح رهي ته سينيٽر مصدق ملڪ ن ليگ جي گذريل دور ۾ وزيراعظم جو خاص مددگار رهي چڪو آهي.










