ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته انڊونيشيا دنيا جو سڀ کان وڏو مسلمان ملڪ آهي ۽ هن وقت مشڪل وقت ۾ انڊونيشيا جا ڀائر ۽ ڀينرون اسان سان گڏ بيٺا آهن مان پاڪستان جي عوام، پاڪستان حڪومت ۽ سنڌ حڪومت طرفان انڊونيشين عوام ۽ حڪومت جو شڪرگذار آهيان اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري جي ڏينهن ڪراچي ايئرپورٽ تي انڊونيشيا طرفان برساتن ۽ ٻوڏ متاثر ماڻهن لاءِ آيل امداد ۽ ٻئي جهاز ۾ انڊونيشيا جي انساني ترقي ۽ ثقافت بابت وزير ڊاڪٽر مجاهد آفندي ۽ ٻين جو استقبال ڪيو جنهن کان پوءِ مڌو ڳوٺ گلشن اقبال ۾ متاثرن جي ڪئمپ جي دوري کان پوءِ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو ڪراچي ايئرپورٽ تي سنڌ جو سماجي بهبود واري وزير ساجد جوکيو، انڊونيشيا جو سفير آدم ملورمن ٽوگيو، قونصل جنرل ڊاڪٽر جون ڪونڪرو ۽ بيا انڊونيشين اعليٰ آفيسر، اين ڊي ايم اي جا اعليٰ عملدار ۽ ٻيا به موجود هئا ڪراچي ايئرپورٽ ۽ متاثرن جي ڪئمپ جي دوري کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته مان انڊونيشين حڪومت جو خاص شڪريو ادا ڪريان ٿو انڊونيشيا دنيا جو سڀ کان وڏو مسلمان ملڪ آهي ۽ هن مشڪل وقت ۾ انڊونيشيا جي عوام ۽ حڪومت اسان سان گڏ بيٺل آهي سعيد غني چيو ته انڊونيشين وزير جي سربراهي ۾ هتي ان جو وفد امدادي سامان کڻي آيو آهي جڏهن ته انڊونيشين حڪومت متاثرن جي بحالي لاءِ به پنهنجون خدمتون نڀائيندي سعيد غني چيو ته مان پاڪستان حڪومت، سنڌ حڪومت ۽ عوام طرفان انڊونيشين حڪومت ۽ عوام جو شڪرگذار آهيان جو ان هن مشڪل وقت ۾ اسان جي مدد ڪئي ۽ اسان جي عوام کي حوصلو ڏنو آهي هن چيو ته ٻوڏ متاثر هن وقت هڪ وڏي سانحي مان لنگهي رهيا آهن هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته انڊونيشيا ۽ پاڪستان جا لاڳاپا اڃا وڌيڪ مصبوط ٿيندا انڊونيشيا جي وزير ۽ آيل وفد ان ڳالهه جي خاطري ڪرائي ته اسان رليف سان گڏوگڏ ٻئي فيز ۾ بحالي جي ڪمن ۾ به پاڪستان حڪومت سان گڏ هونداسين ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر مجاهد آفندي چيو ته مانا نڊونيشين صدر جي خاص هدايت تي پاڪستان آيو آهيان ۽ مون سان گڏ پورو انڊونيشن وفد موجود آهي ڊاڪٽر مجاهد آفندي چيو ته اسان ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ هتي آيا آهيون هن چيو ته انڊونيشيا ۽ پاڪستان اسلامي رياست آهي ۽ اسان جا مذهبن مطابق سمورا مسلمان پاڻ ۾ ڀائي پائي آهن ڊاڪٽر مجاهد آفندي چيو ته جيڪڏهن جسم جو هڪ به عضوو تڪليف ۾ هجي ته پورو جسم تڪليف محسوس ڪري ٿو ۽ اسان پاڪستانين جو درد پنهنجي دل ۾ محسوس ڪري رهيا آهيون. جنهن کان پوءِ انڊونيشيا جي وفد گلشن اقبال ۾ مڌو ڳوٺ جي اسڪول ۾ قائم ٻوڌ متاثرن جي ڪئمپ جو به دورو ڪيو ۽ متاثرن سان ملاقات ڪئي ۽ تحفا ڏنا ان موقعي تي سعيد غني، ساجد جوکيو، ڊي سي ايسٽ، صوبائي ڊيزاسٽرمئنجمينٽ جا اعليٰ آفيسر ۽ ٻيا به موجود هئا.










