لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ڪرڪٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ۽ فاسٽ بالر باب ولز لاڏاڻو ڪري ويو. پنهنجي دور جي مشهور ترين بالر جي عمر 70 سال هئي ۽ هو ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هو. باب ولز 1984 ۾ جڏهن رٽائر ٿيو ته پوري دنيا ۾ آسٽريلوي بالر ڊينس لِلي کانسواءِ ڪنهن جو وڪيٽون هن کان وڌيڪ نه هيون. هن 1971 ۾ 21 سالن جي عمر ۾ انگلينڊ لاءِ ٽيسٽ ڊيبيو ڪيو. 90 ٽيسٽ ميچز ۾ هن 325 وڪيٽون حاصل ڪيون. هن آخري ٽيسٽ ميچ 1984 ۾ ويسٽ انڊيز خلاف کيڏي. 64 ون ڊي ميچز م هن 80 وڪيٽون حاصل ڪيون. انگلينڊ جي عظيم ڪرڪٽر جي وفات تي دنيا ۾ سوڳ وارو ماحول آهي. پاڪستان ڪرڪٽ بورڊ به سندس وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.










