ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سينيئر اداڪار شبير رانا ڊگهي بيماري کانپوءِ ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم دل جي تڪليف ۾ مبتلا هو.فوتي جي وارثن موجب شبير رانا گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان بيماري سبب نيشنل ڪارڊيو ويسڪولر انسٽيٽيوٽ ۾ علاج هيٺ هو، جتي اڄ صبح فوت ٿي ويو. سينيئر اداڪار شبير رانا کي عيد الفطر جي موڪلن دوران دل جو دورو پيو، جنهن سبب کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کيس طبي امداد ڏني وئي.مرحوم شبير رانا 4 ڏهاڪن کان وڌيڪ ٽي وي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو.










