اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) مشرقِ وسطيٰ ۾ ٻيهر جنگ جو خطرو عالمي معيشت لاءِ وڏو خطرو بڻجي ويو. آءِ ايم ايف موجب، پاڪستان جي معيشت لاءِ روان مالي سال ۾ شرحِ نمو (اقتصادي واڌاري) جو تخمينو 3.5 سيڪڙو برقرار رکيو ويو آهي، جڏهن ته حڪومت 4 سيڪڙو اقتصادي واڌاري جو هدف مقرر ڪري رکيو آهي. رپورٽ ۾ گذريل مالي سال جي 3.7 سيڪڙو شرحِ نمو جي ڀيٽ ۾ معاشي رفتار ۾ معمولي سستي جي اڳڪٿي به ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب، مشرقِ وسطيٰ ۾ ڇڪتاڻ جي ڪري عالمي مهنگائي ۾ اضافي جو خطرو آهي ۽ 2026 دوران عالمي افراطِ زر (مهنگائي جي شرح) 4.7 سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿي، اهڙي طرح خام تيل جي سراسري قيمت 89 ڊالر في بيرل رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. آءِ ايم ايف خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آبنائي هرمز ۾ رڪاوٽ پيدا ٿئي ٿي ته عالمي توانائي جي سپلائي شديد متاثر ٿي سگهي ٿي، جنهن جا اثر سڄي دنيا جي معيشتن تي پوندا. رپورٽ ۾ عالمي معيشت جي شرحِ نمو 2026 ۾ 3 سيڪڙو رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مصنوعي ذهانت (آرٽيفيشل انٽيليجنس) کي عالمي معيشت لاءِ هاڪاري سهارو قرار ڏنو ويو آهي. آءِ ايم ايف موجب، مشرقِ وسطيٰ جي موجوده صورتحال خطي ۽ دنيا جي اقتصادي سرگرمين تي منفي اثر وجهي رهي آهي، جڏهن ته عراق، ڪويت ۽ قطر کي 2026 دوران معاشي سڪڙاءُ جو سامھون به ڪرڻو پئجي سگهي ٿو.










