مشرف جي فيصلي تي اعتراض ڪندڙ عدالت وڃن؛ وڏو وزير

مشرف جي فيصلي تي اعتراض ڪندڙ عدالت وڃن؛ وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جنرل پرويز مشرف جي فيصلي تي اعتراض ڪندڙ عدالت سان رابطو ڪن. وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پرويزمشرف خلاف فيصلو عدالتي فيصلو آهي ان تي وڌيڪ بيان بازي يا بحث ڪرڻ جي ضرورت ناهي ڇاڪاڻ ته ان مسئلي کي ڇيڙڻ سان ادارن ۾ ٽڪراءَ ۽ حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون. جيڪڏهن ان فيصلي تي ڪنهن کي اعتراض آهي ته هو قانوني تقاضائون پوريون ڪرڻ لاءِ عدالتن سان رابطو ڪري. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هميشهه آئين جي پاسداري ڪندي رهي آهي ۽ ڪڏهن به ڪنهن آمر يا ڊڪٽيٽر اڳيان ناهي جهڪي. ملڪ جي عدالتن جڏهن به پيپلزپارٽي جي اڳواڻن کي گهرايو آهي هو بخوبي عدالتن اڳيان پيش ٿيندا رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو