مشتاق رئيساڻي کي ڏهه سال قيد جي سزا

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)احتساب عدالت اڳوڻي ناڻي واري سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.ڪوئٽه جي احتساب عدالت بلوچستان ميگا ڪرپشن ڪيس جو محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائيندي اڳوڻي ناڻي واري صوبائي سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي جون سموريون ملڪيتون به ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪوئٽه جي احتساب عدالت اڳوڻي ناڻي واري سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي کي 10 سال قيد جي سزا ۽ اڳوڻي ناڻي واري صلاحڪار خالد لانگو کي 2 سال 2 مهينا قيد جي سزا جو حڪم ڏنو.عدالت اڳوڻي سيڪريٽري بلديات عبدالباسط ۽ سيڪريٽري لوڪل ڪائونسل فيصل جمال کي بري ڪري ڇڏيو.  واضح رهي ته اڳوڻي ناڻي واري سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي کي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ 6 مئي 2016 تي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ ان جي گهر مان 64 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جي روڪ رقم ۽ زيور مليا هئا. ساڳئي ڪيس ۾ گرفتار ٺيڪيدار سهيل مجيد ۽ ان جي ڀاءُ کي پلي بار گين کان پوءِ آزاد ڪري ڇڏيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو