ٽنڊومحمدخان )مظفر علي بروهي(ڪراچي ۾ 13 سالا معصوم نينگري آرزو راجه جي مبينا اغوا خلاف مسيحي برادري پاران منور ڪالوني ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. مظاهرين جي هٿن ۾ بينرز ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا جن تي نينگري جي بازيابي لاء نعره درج هئا، ان موقعي رياست مقبول۔ اقبال ساحل۔ مس منظوره راحت۔مس ياسمين ۔ سميره امجد ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ 13 سالن جي معصوم نينگري آرزو راجه کي اغوا ڪري زبردستي 44 سالن جي اظهر نالي شخص سان زبردستي پرڻايو ويو آھي ۽ نينگري کي نامعلوم هنڌ تي رکيو ويو آھي۔ جيڪا مسيحي برادري سان وڏي زيادتي آھي ۽ اتي جي پوليس انتظاميه جوابدارن خلاف ڪابه ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ناهي۔ هنن وزيراعظم پاڪستان۔ سنڌ جي وڏي وزير۔ چيف جسٽس آف پاڪستان۔ انساني حقن جي تنظيمن ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آھي ته معاملي جو نوٽيس وٺي مذڪوره نينگري کي بازياب ڪرايو وڃي ۽ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ياد رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳ ۾ ئي بازيابي جو حڪم ڏئي چڪي آهي.










