مسلم ليگ ن پاران پارٽي جي ناراض ميمبرن کي مڃائڻ جو فيصلو

مسلم ليگ ن پاران پارٽي جي ناراض ميمبرن کي مڃائڻ جو فيصلو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن پارٽي جي ناراض ميمبرن کي مڃائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب مريم نواز وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پارٽي جي سينيئر اڳواڻ شاهد خاقان عباسي جا خدشا دور ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ شهباز شريف مريم نواز کي هدايت ڪئي ته هو جلد شاهد خاقان عباسي سان ملاقات ڪري.ملاقات ۾ پارٽي جي تنظيم سازي، ورڪرز ڪنوينشن سميت مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان کان علاوه پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ممڪنه چونڊن جي معاملي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو