لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان مسلم ليگ (ق) موجوده سياسي صورتحال ۾ انتظار ڪريو ۽ ڏسو واري پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي. جتي اپوزيشن پارٽيون وزير اعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ لاءِ متحرڪ آهن جڏهن ته حڪمران جماعت جي اتحادين جون نظرون عمران خان تي آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ق کي يقين آهي ته مخالف ڌر طرفان وزيراعظم خلاف ڪارروائين جي حوالي سان جيڪي به حالتون پيدا ٿي سگهن ٿيون، اتحادي جماعت مسلم ليگ (ق) جي پوزيشن مستقبل ۾ مضبوط ٿيندي ۽ قومي اسيمبلي ۾ سندن اهميت وڌي ويندي. ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ به سندن اهميت آهي، پنجاب ۾ پي ٽي آءِ کي 4 ووٽ گهربل آهن. ذريعن جو چون آهي ته پنجاب ۾ وڏ وزارت جي تبديلي ۽ پرويز الاهي کي وڏو وزير بنائڻ جو آپشن به موجود آهي ۽ ان صورت ۾ ق ليگ عمران خان جو ساٿ نه ڇڏيندي. ياد رهي ته مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب گذريل ڏينهن چيو هو ته پشاور مان هڪ اهم عهدي وارو شخص تحريڪ انصاف جي ميمبرن کي فون ڪري ڌمڪائي پيو ته اپوزيشن جو ساٿ نه ڏيو. ياد رهي ته اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد پشاور جو ڪور ڪمانڊر آهي.










