مستونگ (ويب ڊيسڪ) مستونگ ۾ منگوچر ويجهو گاڏي تي نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ سبب 2 عورتون فوت ٿي ويون. پوليس موجب، فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻن ٻارن سميت 3 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن، ڪار ۾ سوار خاندان جو تعلق ژوب سان آهي. لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس علائقي کي گهيري ۾ وٺي جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڏني آهي.










